August 13, 2022

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز: شرجيل، شهزاد ۽ فرحان جي ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز لاءِ شرجيل خان ۽ احمد شهزاد جي ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان آهي.

ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب هلندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز ۾ سينيئر رانديگرن کي آرام ڏيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شعيب ملڪ، سرفراز احمد ۽ عماد وسيم کي ان سيريز ۾ نه کيڏايو ويندو، جڏهن ته محمد حفيظ اڳ ئي سيريز تان هٿ کڻي چڪو آهي.

ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب جارحاڻي بيٽسمين شرجيل خان کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي احمد شهزاد ۽ صاحبزادا فرحان جي به ٽيم ۾ واپسيءَ جو امڪان آهي.

ان کانسواءِ محمد حسنين، شاهنواز ڏاهاڻي، عثمان قادر ۽ خوشدل شاهه کي به کيڏائڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته ويسٽ انڊين ٽيم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ هلندڙ مهيني پاڪستان اچي رهي آهي، ٻنهي ٽيمن ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي ميچون کيڏيون وينديون.

Follow by Email
YouTube
YouTube