August 13, 2022

طالبان جو عورتن جي حقن بابت حڪم نامو جاري

Afghan women take part in a gathering at a hall in Kabul on August 2, 2021 against the claimed human rights violations on women by the Taliban regime in Afghanistan. (Photo by SAJJAD HUSSAIN / AFP)

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ طالبان حڪومت عورتن جي حقن بابت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

طالبان جي امير ملا هيبت الله اخوندزادا عورتن جي حقن بابت فرمان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ افغانستان ۾ نڪاح جي لاءِ بالغ عورت جو راضپو ضروري قرار ڏنو ويو آهي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته عورت هڪ ملڪيت نه پر هڪ باوقار ۽ آزاد انسان آهي، ڪو شخص به امن يا دشمني ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به عورت کي مٽاسٽا جي لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن عورت تي شادي لاءِ دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو.

حڪم نامي موجب بيواهه عورت کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ کي ڪرڻ جو حق هوندو، ڪنهن به بيواهه جو ڪو مٽ مائٽ ان جي زبردستي شادي نٿو ڪرائي سگهي، بيواهه عورت کي ان جي مڙس، پيءُ ۽ ٻارن جي مليت مان شرعي حق ملندو.

عورتن جي حقن بابت حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندڙ برابري جي بنياد تي گهروارين جي حقن جو خيال رکندا.

حڪم نامي ۾ سڀني ادارن، عالم سڳورن ۽ قبائلي ماڻهن کي عورتن جي حقن تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube