January 20, 2022

”لڙ اجايو آهي، بلدياتي ترميم ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جون سفارشون شامل آهن“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نئين بلدياتي ترميمن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جون سفارشون به شامل ڪيون ويون آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه جو چوڻ هو ته نئين بلدياتي ترميمن ۾ اسان جا دوست لڙ ڪري رهيا آهن، ان ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جون سفارشون به شامل آهن.

هن چيو ته بلاول ڀُٽو هڪ ڪميٽي جوڙي هئي، ان ڪميٽي جي مشاورت کانپوءِ ئي ترميم ڪئي وئي، يوسي ۽ ٽائون ٺاهڻ جي جيڪا ڳالهه آهي ان ۾ بهتري آندي وئي جڏهن ته ميئر ڪراچي ئي واٽر بورڊ جو چيئرمين هوندو.

سنڌ جي بلديات واري وزير جو چوڻ هو ته ريجن جي سطح تي چونڊيل نمائندا چيئرمين هوندا، جيڪا ٽائون سسٽم جي ڊمانڊ هئي اها به ڪئي وئي آهي، يوسي کي به طاقت ڏني آهي، پيدائشي سرٽيفڪيٽ جو ڪم يوسي جو آهي.

ٻئي پاسي سعيد غني جو چوڻ هو ته مخالف ڌر ماڻهن کي گمراهه ڪري رهي آهي، پبلڪ هيلٿ سميت ڪيترائي کاتا بلدياتي ادارن کي ڏيڻ پيا وڃون، بلڊنگ ڪنٽرول يا ڪي ڊي اي جي قاونن ۾ ترميم ڪرڻي پئي ته ڪنداسين.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2021 اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube