August 9, 2022

مني هائيسٽ جي مداحن لاءِ خوشخبري

مشهور ترين نيٽ فليڪس سيريز مني هائيسٽ جي پارٽ 5 جو ٻيو ۽ آخري حصو اڄ سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو ويو.

مني هائيسٽ  ناليواري اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فليڪس جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ غير انگريزي زبان جي سيريز هو پر تازو ئي ڪورين سيريز، اسڪوئيڊ گيم انکان اهو اعزاز کسي ورتو آهي.

مني هائيسٽ بنيادي طور تي اسپينش ٽي وي سيريز هئي جيڪا اسپين ۾ ”لاڪا سادي پاپيل“ جي نالي سان رليز ٿي جنهن کي انکانپوءِ نيٽ فلڪس انگريزي زبان ۾ ڊب ڪري نشر ڪيو.

پر هاڻي نيٽ فلڪس پاڻ ئي اسپينش زبان ۾ ٺاهي مختلف زبانن ۾ ڊب ڪري رليز ڪري رهيو آهي.

مني هائيسٽ جي هاڻوڪي ڪهاڻي ۾پاڪستاني هيڪرز کي به ڏيکاريو ويو آهي جيڪو انهن ڦورن جي مدد ان وقت ۾ ڪندو آهي جنهن وقت انهن کي مدد جي لاءِ ڪو ٻيو ناهي ملندو.

هڪ موقعي تي سيريز ۾ پاڪستاني سرجن کي به ڏيکاريو ويو آهي جيڪو ڦورن جي هڪ زخمي ساٿي جي علاج ۾ مدد ڪندو آهي.

پنجين سيزن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن جو پهريون حصو سيپٽمبر ۾رليز ڪيو ويو هو جڏهن ته ٻيو حصو اڄ رليز ٿيو.

اها سيريز پاڪستاني ٽائيم موجب منجهند 1:45 منٽن تي رليز ڪئي وئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube