January 18, 2022

ڪاليجن ۽ يونيورسٽي ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ گروهه گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايڪسائيز کاتي نارڪوٽڪس ڪنٽرول پنجاب جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات سپلاءِ ڪرڻ واري گروهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنجاب جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگهي عرصي کان منشيات سپلاءِ ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ هو جنهن جي ڪري ڪيترن ئي نوجوانن جون زندگيون تباهه ٿي چڪيون آهن.

اينٽي نارڪوٽڪس فورس طرفان لڳاتار ڪاررواين جو سلسلو به جاري هو پر سپلاءِ ڪندڙ ماڻهو هر ڀيري کِسڪي ويندو هو.

پر هن ڀيري ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي ڪارروائي ڪندي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ گروهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايڪسائيز ٽيم منشيات فروش علي رضا ۽ اسلم مسيح کي گرفتار ڪيو آهي، ٻنهي جوابدارن تي اڳ ۾ به ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته اختيارين باٽاپور جي علائقي ۾ به ڪارروائي ڪندي به منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube