August 13, 2022

ڪي ايم سي عملي طرفان گهر ڊاهڻ جي آڙ ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي ايم سي عملي طرفان گهر مسمار ڪرڻ جي آڙ ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

گجر نالي ڪٽنگ تي موجود هڪ گهر جي عورت ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ کي درخواست ڏني آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته گجر نالي ڪٽنگ ۾ منهنجو گهر هو، جنهن کي ڊاٿو ويو، اسان گهر مسمار نه ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته مون کي چيو ويو رشوت ڏيو نه گهر ڊاهي ڇڏينداسين.

درخواستگذار چيو آهي ته 25 هزار رپيا اوڌر وٺي مان ڪي ايم سي آفيسرن کي رشوت ڏني، پوءِ انهن وڌيڪ رشوت گهري ۽ نه ڏيڻ تي لاڳاپا رکڻ جو چيو.

عورت درخواست جي متن ۾ چيو آهي ته ڪي ايم سي آفيسر مون کي فون تي ملڻ لاءِ پيغام به ڏيندا رهيا، مان آپگهات ڪنديس پر عزت جو سودو نه ڪنديس.

Follow by Email
YouTube
YouTube