August 9, 2022

اپوزيشن جي مارچ تائين عمران خان مهانگائي تي ضابطو آڻي ڇڏيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم کي هڪ ڀيرو ٻيهر لانگ مارچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف کي چوان ٿو ته لانگ مارچ 24 مارچ کان 15 ڏينهن اڳ يا 7 ڏينهن پوءِ ڪيو.

هن چيو ته 23 مارچ کان 6،7 ڏينهن اڳ رستا بند ٿي ويندا آهن، پوءِ اپوزيشن اعتراض نه ڪري ته دڳ ڇو بند ڪيا ويا.

سندس موجب اپوزيشن ساڍن ٽن سالن کانپوءِ تاريخ ڏيڻ جو فيصلو به غلط ڪيو، پهريون سياسي پارٽيون آهن، جيڪي شهرت لاءِ 4 مهينا اڳ تاريخ ڏئي رهيون آهن، 4 مهينن تائين عمران خان مهانگائي جي ضابطو آڻي ڇڏيندو.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته جاتي امرا جا وڏا استاد ۽ انهن جو سڄي خاندان جون صلاحيتون گلوڪاري ۾ وڌيڪ آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube