January 20, 2022

حارث رئوف هڪ ڀيرو ٻيهر ميلبرن اسٽارز طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف هڪ ڀيرو ٻيهر آسٽريليا جي بگ بيش ليگ ۾ ميلبرن اسٽارز طرفان ايڪشن ۾ نظر ايندو.

بگ بيش ليگ جي ٽيم ميلبرن اسٽارز اعلان ڪيو آهي ته هلندڙ سيزن ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف جي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.

هن ٻه سال اڳ ميلبرن اسٽارز طرفان ڊيبيو ڪيو هو ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري هيائين.

حارث رئوف 27 ڊسمبر تي برسبين خلاف پهرين ميچ کيڏندو پر اهو ڪووڊ پروٽوڪولز سان مشروط آهي.

پاڪستاني فاسٽ بالر سيزن جي پڄاڻي تائين ميلبرن اسٽارز طرفان خدمتون انجام ڏيندو.

ان حوالي سان ميلبرن اسٽارز جي ڪوچ ڊيوڊ هسي جو چوڻ هو ته حارث رئوف جو ٽيم ۾ حصو بڻجڻ لاءِ منتظر آهيان، ان سان بالنگ انرجي ۽ ڪوالٽي ۾ واڌ ٿيندي.

ذريعن موجب ليگ اسپنر شاداب خان جي بي بي ايل ۾ برسبين هيٽ ۽ فخر زمان جي سڊني ٿنڊرز سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube