January 18, 2022

قتل کان اڳ ناريءَ کان پنهنجي ئي قبر کوٽرائڻ جو هيانءُ ڏاريندڙ واقعو

برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيل ۾ ناريءَ جي قتل جو ڇرڪائيندڙ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن پنهنجي قبر پاڻ ئي کوٽي ۽ قتل کانپوءِ ان ۾ دفن ڪئي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 21 ورهين جي امانڊا لباخ جو لاش برازيل جي رياست سانتا ڪترينه جي سمنڊ ڪناري تان هٿ آيو هو.

ناريءَ جي قتل جي الزام ۾ ٻن مردن ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن مان هڪ پوليس کي سمنڊ ڪناري ان جاءِ تي وٺي ويو، جتي لاش کي دفن ڪيو ويو هو.

پوليس برونو فرنينڊس موجب مقتولا پنهنجي دوستن سان گڏ ٻي رياست کان سانتا ڪترينه ۾ پنهنجي هڪ دوست جي سالگرهه ملهائڻ لاءِ آئي هئي، اتي دوستن ئي کيس قتل ڪري لاش دفن ڪري ڇڏيو.

هن ٻڌايو ته امانڊا جو هڪ دوست مبينا طور منشيات جي سمگلنگ ۾ ملوث هو ۽ ناري اهو شڪ هڪ ٻئي دوست اڳيان ظاهر ڪيو هو، جنهن بابت جوابدارن کي خبر پئجي وئي ۽ انهن کيس قتل ڪري ڇڏيو.

جوابدارن قتل ڪرڻ کان امانڊا کي پنهنجي ئي قبر کوٽڻ تي مجبور ڪيو ۽ مارڻ کانپوءِ ان ۾ دفن ڪري ڇڏيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube