January 20, 2022

نيپرا ڪراچي وارن لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي.

نيپرا طرفان بجلي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب ڪراچي جي واهپيدارن لاءِ بجلي 3 رپيا 75 پئسا في يونٽ مهانگائي ڪئي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي سيپٽمبر جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن جي چارجز ڊسمبر جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي.

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي نومبر ۾ ٻڌڻي ڪئي هئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube