January 18, 2022

ڪترينا ۽ وڪي جي شادي بابت نجومين جون اڳڪٿيون ۽ انڪشاف

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي نجومين طرفان ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي ۽ انهن جي مستقبل بابت دلچسپ انڪشاف ڪيا ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب نجومين طرفان هن خوبصورت جوڙي ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي شده زندگي بابت ڄاڻڻ جي لاءِ انهن جي ستارن مان به مدد ورتي آهي.

ڪترينا ڪيف هڪ برطانوي اداڪارا آهي جڏهن ته وڪي ڪوشل ڀارتي اداڪار آهي جنهن نيشنل فلم ايوارڊ به ماڻيو آهي. ٻئي ستارا 9 ڊسمبر تي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌجي ويندا انهن جي شادي بابت مداح جيتري دلچسپي وٺي رهيا آهن اوتري ئي اهي انهن جي مستقبل بابت ڄاڻڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن.

ڀارتي ميڊيا طرفان هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 15 نجومين جي راءِ شامل آهي.

ڀارتي نجومين طرفان ان جوڙي جي پيدائشي نمبر جو به جائزو ورتو ويو آهي، ڪترينا ڪيف ڀاءُ ڀينرن ۾ وچين نمبر تي آهي  جڏهن ته وڪي ڪوشل پنهنجي ماءُ پيءُ جي پهرين اولاد آهي.

پهريٽي جا ٻار شادي جي معاملن ۾ وچولي جي ٻارن سان هڪ مضبوط رشتو ٺاهيندا آهن، اهڙا جوڙا هڪٻئي جي لاءِ مثالي هوندا آهن ۽ تمام گهرا رشتا ٺاهيندا آهن، اها جوڙي هڪٻئي جي لاءِ جذباتي ۽ ذهني طور تي مثالي ثابت ٿي سگهي ٿي، نجومين ڪترينا ۽ وڪي جو جوڙو بهترين قرار ڏنو آهي.

ڪيترينا ڪيف 16 جولاءِ 1983 ۾ ڇنڇر واري ڏينهن پيدا ٿي هئي جنهن جي لاءِ 8 جو انگ هاڪاري آهي جڏهن ته وڪي ڪوشل 16 مئي 1988 ۾ سومر جي ڏينهن پيدا ٿيو هو ان جو هاڪاري انگ 2 آهي.

اها جوڙي شادي جي لاءِ بهترين قرار ڏني وئي آهي جڏهن ته انهن کي نجومين طرفان به سُٺو اسڪور مليو آهي.

نجومين موجب ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي ستارن جي ڳڻپ هڪ ئي نمبر مطلب ته 7 آهي ۽ انهن جا ستارا به هڪ ئي مدار ۾ گهمندا آهن جيڪي هڪٻئي جامددگار آهن.

ستارن جي اها ڳڻپ انهن کي پرجوش به بڻائي ٿي، اميد آهي ته اهو جوڙو ڏکئي وقت ۾ منهن ڏيندو.

نجومين جو چوڻ آهي ته ڪترينا ڪيف جو ستارو ڪينسر آهي ۽ اهو ستارو پاڻي جي نمائندگي ڪندو آهي ۽ وڪي ڪوشل ٽورس آهي جيڪو زمين جي نمائندگي ڪندو آهي.

پاڻي ۽ زمين ٻئي هڪٻئي جي لاءِ مڪمل طور تعميري ثابت ٿيندا آهن، ان جوڙي جي ستارن موجب انهن جي شادي بهترين ثابت ٿيندي.

15 ڀارتي نجومين طرفان ڪڍيل نتيجن ۾ چيو ويو آهي ته 2022 ۽ 2023 وڪي ڪوشل جي ڪيريئر جي لاءِ انتهائي خوش قسمت سال ثابت ٿيندو.

وڪي ڪوشل ان سالن دوران مثال ۽ رڪارڊ قائم ڪندو، وڪي جي نالي کي نئين سڃاڻ ۽ شهرت ملندي ۽ مٿس پئسن جو مينهن وسندو.

ان سان گڏ چيو ويو آهي ته ڪترينا جي ڪيريئر ۾ به وڌيڪ بهتري ايندو ۽ اها گهٽ فلمون ڪرڻ واري بهترين اداڪارا بڻجي ويندي، شادي کانپوءِ ڪترينا پنهنجي ذاتي زندگي تي گهڻو ڌيان ڏيندي.

هنن ٻڌايو آهي ته ڪترينا ڪيريئر جي حوالي سان فلم پروڊڪشن ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏيندي ۽ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندي، ڪترينا جي آمدني ۾ واڌ ٿيندي ۽ 2023  ان جي لاءِ خوش قسمت سال هوندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube