August 13, 2022

راڻا شميم جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پابندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سپريم ايپلٽ ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي پابندي هڻي ڇڏي.

حڪومت راڻا شميم کي پرووزنل نيشنل آئڊينٽيفڪيشن لسٽ (پي اين آءِ ايل) تي وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جي تصديق وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڪئي آهي.

شيخ رشيد موجب راڻا شميم کي پي اين آءِ ايل تي وڌو ويو آهي ۽ ان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي آهي.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راڻا شميم جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube