January 18, 2022

ويرات ڪوهلي کان ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني به کسجي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي کانپوءِ هاڻ ون ڊي فارميٽ ۾ به ڪپتاني نه ڪري سگهندو.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي اعلان موجب ويرات ڪوهلي جي جاءِ تي روهت شرما ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي فارميٽ ۾ ٽيم جي ڪپتاني ڪندو.

بي سي سي آءِ موجب ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ويرات ڪوهلي ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته روهت شرما ان جو نائب هوندو.

واضح رهي ته ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ مختصر ترين فارميٽ تان ڪپتاني ڇڏي ڏني هئي پر هن ون ڊي فارميٽ تان ڪپتاني نه ڇڏي هئي پر هاڻ ان جي جاءِ تي روهت شرما کي ون ڊي ٽيم جو ڪپتان به مقرر ڪيو ويو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube