August 13, 2022

سارو گنگولي ويرات ڪوهلي کان ڪپتاني واپس وٺڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي صدر سارو گنگولي ويرات ڪوهلي کان ون ڊي جي ڪپتاني واپس وٺڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب سارو گنگولي ان معاملي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان ويرات ڪوهلي کي چيو هو ته هو ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني نه ڇڏي. سارو گنگولي ٻڌايو ته جڏهن ويرات ڪوهلي ٽيم جي ڪپتاني ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ته سليڪٽرز فيصلو ڪيو ته ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني به هن کان واپس ورتي وڃي. هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته ويرات ڪوهلي جو ڪپتان طور ون ڊي ۾ هڪ شاندار رڪارڊ آهي پر جيڪڏهن  روهت شرما جي ڪپتاني جا انگ اکر ڏسجن ته هن 8 ميچن ۾ ٽيم جي ڪپتاني ڪئي ۽ سڀ ۾ ڪاميابي ماڻي. سندس چوڻ هو ته هڪ ٽيم ۾ مختصر طرز جي ڪرڪيٽ جا ٻه ڪپتان نٿا ٿي سگھن.

Follow by Email
YouTube
YouTube