August 13, 2022

سعودي عرب جي دوري تي سلمان خان کي وڏو اعزاز ملي ويو

رياض(ويب ڊيسڪ)باليووڊ اسٽار سلمان خان ساٿي اداڪارن ۽ اداڪارائن سان گڏ سعودي عرب جي دوري تي پهچي ويو آهي. سلمان خان اڄڪلهه دبنگ ٽوئرز جي لاءِ سعودي جي گادي واري هنڌ رياض پهتو آهي جتي ساڻس گڏ شلپا شيٽي، سائي منجريڪر، گورو رنڌاوا، سنيل گروور سميت ڪيتريون ئي وڏيون شخصيتون شامل آهن. سلمان خان اڄ رياض ۾ ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ لائيو فرفارم ڪندو جنهن جي لاءِ تياريون زور شور سان جاري آهن. ان حوالي سان گذريل ڏينهن سلمان خان هڪ پريس ڪانفرنس به ڪئي هئي ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيا هئا.

سلمان خان کي سعودي عرب جي دوري تي هڪ اهم اعزاز سان به نوازيو ويو آهي. سلمان خان جي ٻنهي هٿن جا نشان ورتا ويا آهن جنهن کي سعودي جي گادي واري هنڌ جي سياحتي ۽ تفريحي مقام بوليورڊ رياض سٽي ۾ وال آف فيم تي لڳايو ويندو. واضح رهي ته سعودي عرب جي شهر جدي ۾ ريڊ سي فلم فيسٽيول به جاري آهي جنهن ڀارتي ۽ هاليووڊ اداڪار ۽ اداڪارائون به شريڪ آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube