January 20, 2022

ملڪ جي عوام عمران خان سان گڏ ناهي: بلاول

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو عوام عمران خان سان گڏ ناهي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي پي چيئرمين چيو ته عوام سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪري پي ٽي آءِ حڪومت خلاف پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

هن چيو ته پاڪستان جو عوام عمران خان سان گڏ ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي عوامي حمايت جي بنا وزيراعظم رهڻ جو ڪو به حق ناهي.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته احتجاج ڪرڻ تي پيپلزپارٽي جي مقامي تنظيمن ۽ جيالن جو ٿورائتو آهيان.

سندس چوڻ هو ته مهانگائي خلاف عوامي احتجاج حڪومت خلاف چارج شيٽ آهن، آءِ ايم ايف جي اشارن تي عمران خان طرفان مهانگائي ۾ واڌ برداشت نه ڪئي ويندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube