January 18, 2022

نئين سال ۾ انسٽاگرام جو وڏو يوٽرن ڪهڙو هوندو؟

سوشل ميڊيا جي مشهور فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام جلد هڪ وڏو يوٽرن وٺڻ لاءِ تيار آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب انسٽاگرام هن وقت هڪ اهڙي ورجن تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن تحت انسٽاگرام فيڊ کي ڪورونولوجيڪ آرڊر ۾ يعني تازا ترين پوسٽ پهريان ۽ پراڻي پوسٽ بعد ۾ ڏيکاري ويندي.

انسٽاگرام جي سربراهه ايڊي موسري آمريڪي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي انسٽاگرام جي نئين فيچر جي حوالي سان انڪشاف ڪيو.

ايڊم موسري ٻڌايو ته انسٽاگرام جو نئون فيچر ڪجهه مهينن کان تياري جي مرحلن ۾ آهي جنهن کي ايندڙ سال 2022ع جي شروعات ۾ لانچ ڪيو ويندو.

واضح رهي ته انسٽاگرام کي 2021ع ۾ ڪرونولوجيڪل آرڊر سان گڏوگڏ لانچ ڪيو ويو هو پر بعد ۾ پليٽ فارم الگورٿم جي مدد سان پوسٽ ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو.

الگورٿم آرڊر ڇا آهي؟

الگورٿم آرڊر تحت ڪو به پليٽ فارم هر واهپيدار جي پروفائل، ان جي سرچ هسٽري ۽ پسند ۽ ناپسند جي شين کي نظر ۾ رکندي پوسٽون ۽ شيون فيڊ تي واضح ڪندو آهي.

ڪرونولوجيڪل آرڊر کان پوءِ انسٽا تي ڪهڙي تبديلي ايندي؟

ڪرونولوجيڪ آرڊر تحت هر واهپيدار کي فيڊ تازا ترين پوسٽون پهريان نظر اينديون جڏهن ته پراڻيون پوسٽون بعد ۾ نظر اينديون .

Follow by Email
YouTube
YouTube