August 13, 2022

”نئين سال ۾ خوشخبري جو اعلان، پَرائي منصوبي کي ڪٻاڙ چئي پاڻ ئي افتتاح ڪيو“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب گرين لائين منصوبي جي افتتاح جي لاءِ وزيراعظم جي ڪراچي اچڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته بس سروس کي ڪٻاڙ بس سروس چوندڙن ڪنهن ٻئي حڪومت جي منصوبي جا افتتاح ڪري رهيا آهن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته اعلانن تي ٻڌل هن حڪومت جو نالو اعلان خان هجڻ گهرجي ها.

سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته اسان عمران خان ناهيون جو ڪنهن ٻئي جي ڪم تي پنهنجو نالو ٿڦيون، 31 جنوري تي شهر جي لاءِ 50 نيون بسون آڻي رهيا آهيون.

Follow by Email
YouTube
YouTube