August 9, 2022

آصف علي سڀ کان وزني بيٽ رکڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جارحاڻي بيٽر آصف علي پنهنجي بيٽ وزني هجڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ آصف علي ٻڌايو ته ٽيم ۾ سڀ کان وزني منهنجي بيٽ آهي.

هن چيو ته مان آخري اوورن ۾ بيٽنگ جي لاءِ ويندو آهيان، بيٽون ٺاهيندڙ ڪمپني کي پاڻ فون ڪري اسپيشل بيٽ تيار ڪرڻ جي لاءِ چيو هو.

سندس چوڻ هو ته منهنجي بيٽ ۾ سمورو وزن هيٺئين پاسي هوندو آهي ته جيئن آخري اوورز ۾ ڪنهن به بال کي هٽ ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.

قومي ڪرڪيٽر چيو ته اوپنر جي ڀيٽ ۾ منهنجي بيٽ مختلف آهي، ڇو ته مون کي هر پاسي شاٽ لڳائڻي هوندي آهي.

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز جي حوالي سان آصف علي جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪرڪيٽ ڏسندڙن جي لاءِ پر جوش آهيون، گڏوگڏ هن ڪرڪيٽ جي شوقينن کي ڪورونا ضابطن تي عمل ڪرڻ جي به اپيل ڪئي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات 13 ڊسمبر کان ڪراچي ۾ ٿيندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube