January 18, 2022

اروشي روٽيلا، نيتن ياهو کي هندي سيکارڻ لڳي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اروشي روٽيلا اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو سان ملاقات ڪئي آهي.

ڀارتي اداڪارا ۽ ان جي خاندان اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم جي دعوت تي سندس ملڪ جو دورو ڪيو، دوري دوران اروشي، نيتن ياهو سان ملاقات به ڪئي، جنهن جون تصويرون ۽ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ڪيون ويون آهن.

اروشي روٽيلا اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي هندي جا ڪجهه لفظ به سيکاريا، جيڪي هن ڪئميرا سامهون ادا ڪيا.

اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم ڀارتي اداڪارا کي عبراني ٻولي جو لفظ سيکاريو، جيڪي اروشي هندي ٻولي ۾ ٻڌايا، پوءِ نيتن ياهو هندي ۾ ”سڀ شاندار ۽ سڀ بڙيا“ جا لفظ چيا.

Follow by Email
YouTube
YouTube