January 18, 2022

طالبان جو اهم ڪمانڊر افغان فضائيا جو نئون سربراهه

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ملا امام الدين منصور کي افغان فضائيا جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اڳوڻي افغان آرمي چيف قاري فصيح الدين 6 ڊسمبر تي ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ ملا امام الدين منصور کي فضائيا جي سربراهه طور متعارف ڪرايو.

ملا امام الدين منصور اتر افغانستان ۾ طالبان جو اهم ڪمانڊر سمجهيو ويندو آهي ۽ هن آمريڪا خلاف جنگ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.

تعارفي تقريب کي خطاب ۾ افغان فضائيا جي سربراهه جو چوڻ هو ته افغان ايئر فورس عوام ۽ ملڪ جي خدمت جي لاءِ پر عزم آهي.

هن فضائيا کي ڇڏي ويندڙ اهلڪارن کي واپس ذميواريون سنڀالڻ جي اپيل به ڪئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube