January 18, 2022

اداڪارا اشنا شاهه بچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عليزي شاهه جي ڪِرڻ کانپوءِ اداڪارا اشنا شاهه جي به هڪ ويڊيو سامهون اچي وئي، جنهن ۾ هوءَ ڪِرندي ڪِرندي بچي.

برائيڊل فيشن ويڪ ۾ اداڪارا عليزي شاهه ريمپ تي ڪري پئي هئي، جنهن کي شازيا منظور سنڀايو هو.

هاڻ اداڪارا اشنا شاهه جي به هڪ ويڊيو منظر تي آئي آهي، جنهن ۾ هوءَ ڪِرڻ کان بچي وئي آهي.

اشنا شاهه ريمپ تي ڪِرندي ڪِرندي بچي وئي، هن پاڻ سنڀالي ورتو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ماڻهن کي چُپ رهڻ جو اشارو ڪيو ۽ ريمپ تي ٻيهر واڪ شروع ڪري ڇڏي.

Follow by Email
YouTube
YouTube