January 18, 2022

زهريلي مٺائي کائڻ سبب ٻارڙي جي فوتگي، ڪي ايم سي ملازم گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورنگي واري علائقي ۾ ڪتن کي مارڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ زهريلي مٺائي کائڻ سبب ٻارڙو  فوت ٿيڻ کانپوءِ ڪي ايم سي ملازم خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

عوامي ڪالوني ٿاڻي تي فوتي ٻارڙي جي پيءَ وقار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدار منور عبدالله کي گرفتار ڪري ورتو.

ٻئي پاسي ڪورنگي ضلعي جي ميونسپل ڪمشنر غفلت ڪرڻ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ظفر ۽ مٺائي آڻيندڙ ملازم منور کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ڪورنگي ۾ گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل ۾ ٽنگيل مٺائي کائڻ سبب ٻار سميت 5 جي حالت خراب ٿي وئي هئي، جن مان ٻن سالن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube