August 13, 2022

قانون موجب نه هجڻ ڪري نيب جا سمورا ڪيس خراب ٿي وڃن ٿا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عدالت آصف علي زرداري جي 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ريفرنس ۾ نيب کان 18 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل بئنچ آصف زرداري جي شڪي ٽرانزيڪشن ريفرنس ۾ بري ڪرڻ بدران فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري احتساب عدالت جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته نيب آرڊيننس جي ڪنهن به شق تحت ڪيس ٺهي ئي نٿو، نيب چوي ٿو زرداري پبلڪ آفيس هولڊر هوندي پراپرٽي ڪيئن خريد ڪئي؟

نيب پراسڪيوٽر چيو ته جعلي اڪائونٽس جو معاملو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ريفرنس داخل ڪيو ويو، ملڪيت خريد ڪرڻ جي لاءِ جعلي اڪائونٽس مان 150 ملين جي ٽرانزيڪشن ٿي، ويلٿ اسٽيٽمنٽ ۾ آصف زرداري پراپرٽي جي قيمت 53 ملين لکي.

چيف جسٽس چيو ته نيب انڪم  ٽيڪس ڊڪليئريشن جي معاملي ۾ ڪهڙي ريت اڳتي وڌي سگهي ٿو؟ نيب پنهنجي اختيارن کان مٿانهون ڪيئن ٿو ڪم ڪري سگهي؟ نيب وٽ ڪيس ايف بي آر کي اماڻن جو آپشن موجود آهي.

نيب پراسڪيوٽر چيو ته هي مني لانڊرنگ جو ڪيس آهي، ويلٿ اسٽيٽمنٽ هن جو ثبوت آهي، ايف بي آر ۽  انڪم ٽيڪس جو معاملو ڪڍي به ڪيس ٺهي سگهي ٿو.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته نيب ريفرنس ٺاهڻ کان پهرين معاملو ايف بي آر کي اماڻڻ گهرجي ها، ايف بي آر جو اختيار هو ته آصف زرداري جي مڪمل آڊٽ ڪري، قانون موجب نه هجڻ ڪري نيب جا سمورا ڪيس خراب ٿي رهيا آهن، انڪم ٽيڪس جو معاملو ڪڍي 18 جنوري تائين نئون ڪيس ٺاهي ڏيکاريو.

Follow by Email
YouTube
YouTube