January 18, 2022

ناصر شاهه ايم ڪيو ايم کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته متحده قومي موومنٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان خلاف ته جنگي ڏوهن وارا ڪيس هلڻ گهرجن ها.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي بيانن تي ردعمل ۾ ناصر شاهه جو چوڻ هو ته پ پ سدائين انساني حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ احترام ڪيو، پڪي قلعي سان پ پ جو ڪهڙو واسطو هو، اها پ پ حڪومت خلاف سازش هئي ۽ ايم ڪيو ايم ان جو حصو هئي.

هن چيو عامر خان ٻڌائي ته مخالفن جي جسمن ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪنهن ڪيا هئا؟ ٻڌايو وڃي ته ٻورين ۾ بند لاش ڪير ڏيندو هو؟ سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن کي جيئرو ڪنهن ساڙيو هو؟

سندس چوڻ هو ته ڪي ايم سي جي اسپتال سنڌ حڪومت کي ملڻ سان ايم ڪيو ايم جا گوسڙو ملازم فارغ ٿي ويندا، متحده وارن کي ان جو تمام گهڻو ڊپ آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube