January 18, 2022

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ تي پرويز رشيد جو ردعمل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ پرويز رشيد چيو آهي ته عمراني حڪومت وري به پيٽرول اگهه ۾ عوام کي 7 رپين جي ڏنڊي هنئي، عالمي مارڪيٽ تحت في ليٽر اگهه ۾ 5 رپيا نه پر 12 رپيا گهٽتائي ڪرڻ گهرجي ها.

حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ کانپوءِ ردعمل ڏيندي پرويز رشيد چيو ته اوگرا به پيٽرول جي اگهه ۾ 8 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.

هن وڌيڪ چيو سچ چوندا آهن ته چور چوري کان وڃي پر هيرا ڦيري کان ناهي ويندو.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 5 رپيا گهٽتائيءَ جو اعلان ڪيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube