January 20, 2022

ننڍي عمر جي شاگرد سان جنسي لاڳاپا قائم ڪندڙ ماسترياڻي گرفتار

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ننڍي عمر جي شاگرد سان جنسي لاڳاپا قائم ڪندڙ 20 ورهين جي ماسترياڻي کي گرفتار ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايانا ڊيوس نالي ماسترياڻي آمريڪي رياست فلوريڊا جي ليڪ اينڊ هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي، جتي هن 17 ورهين جي شاگرد سان جنسي لاڳاپا قائم ڪيا هئا.

ماسترياڻي ۽ شاگرد جي هڪ غير اخلاقي ويڊيو سنيپ چيٽ تي اسڪول جي فٽبال ٽيم جي هڪ گروپ ۾ پوسٽ ڪئي وئي، جنهن بعد ماسترياڻي جي اهڙي شرمناڪ حرڪت جو پتو پيو ۽ اسڪول انتظاميا پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد ماسترياڻي کي گرفتار ڪيو ويو.

پڇا ڳاڇا دوران ايانا ڊيوس اعتراف ڪيو ته هن هلندڙ سال جي شروعات ۾ 4 ڀيرا شاگرد سان جنسي لاڳاپا قائم ڪيا، 2 ڀيرا  هوءَ شاگرد جي گهر وئي ۽ 2 ڀيرا شاگرد سندس گهر آيو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube