January 18, 2022

پي پي 206 ننڍي چونڊ: ن ليگ جي اميدوار کي پي ٽي آءِ تي سرسي حاصل

خانيوار (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي نورين نشاط 21419 ووٽ کڻي ٻين نمبر تي جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جو شيخ اڪمل ٽين ۽ پيپلز پارٽي جو اميدوار سيد واثق چوٿين نمبر تي آهن.

پولنگ صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين سواءِ ڪنهن وقفي جي جاري رهي، اها سيٽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نشاط احمد ڊاها جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي پر سندس گھرواري نورين نشاط ڊاها پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو وٺي رهي آهي.

ننڍي چونڊ ۾ پ پ جو اميدوار مير واثق ۽ ن ليگ جو رانا سليم ۽ ٻيا اميدوار ميدان ۾ آهن.

نورين نشاط جو پنهنجو ووٽ زيان

پي ٽي آءِ جي اميدوار نورين نشاط ڊاها ضمني اليڪشن ۾ ووٽ وجهي ضابطن جي ڀڃڪڙي به ڪري ڇڏي ۽ بيلٽ پيپر تي مهر لڳائي ميڊيا کي ڏيکاريو.

اليڪشن ڪميشن ان معاملي تي نوٽيس وٺندي نورين نشاط ڊاها جو ووٽ زيان قرار ڏئي ڇڏيو.

ضابطن موجب ڪو به ووٽر پنهنجو بيلٽ پيپر ڪنهن کي به نٿو ڏيکاري سگھي.

Follow by Email
YouTube
YouTube