January 18, 2022

ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن جو راڄ، موسميات کاتي جي ايندڙ ڏينهن بابت اهم آگاهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان مان ايندڙ ٿڌين هوائن سبب ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت وڌائي ڇڏي.

بلوچستان جي اتر اوڀر پاسي هلندڙ هوائن سبب ڪراچي جي مجموعي پارو گهٽجي ويو، خميس جي منجهد موسم صاف رهي ۽ اُس نڪتي پر شام جو ٿڌيون هوائون گهليون، جن جي رفتار 30 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ هئي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم خشڪ ۽ رات جي وقت ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جو امڪان آهي، ان دوران گهٽ کان گهٽ پارو 11 کان 9 ڊگري جي وچ ۾ رهي سگهي ٿو.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته خميس ڏينهن شهر جو گهٽ کان گهٽ پارو 11، جڏهن ته وڌ کان وڌ 24.5 رڪارڊ ٿيو، اولهه سلسلي سبب ٿڌ جي شدت هڪ هفتي تائين برقرار رهي سگهي ٿي.

Follow by Email
YouTube
YouTube