January 18, 2022

آن لائين چيڪ اپ جي بهاني عورتن جون نازيبا وڊيو ٺاهيندڙ جعلي ڊاڪٽر گرفتار

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي ۾ گائناڪولوجسٽ جو روپ ڌاري عورتن جو آن لائين چيڪ اپ ڪري انهن جون نازيبا وڊيو ٺاهيندڙ جنسي شڪاري کي گرفتار ڪيو ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اٽلي ۾ پوليس 40 ورهين جي شخص کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو زوم تي عورتن کي چيڪ اپ جي بهاني گھرائي انهن جون نازيبا وڊيوز ٺاهيندو هو.

جعلي ڊاڪٽر ڪهڙي طرح انهن عورتن جو ڊيٽا حاصل ڪيو جن تازو ئي مختلف اسپتالن ۾ چيڪ اپ ڪرايو هو. ڄاڻايل شخص اهڙين عورتن کي فون ڪري ڊيڄاريو ته اوهان کي هڪ نئين قسم جو انفيڪشن ٿيڻ جو خدشو آهي.

جعلي ڊاڪٽر پنهنجين ڳالهين سان عورتن کي آن لائين چيڪ اپ تي راضي ڪندو هو ۽ ان دوران عورتن جون وڊيوز رڪارڊ ڪندو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube