January 20, 2022

صابڻ جي پيڪنگ ۾ چرس لڪائي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )اينٽي نارڪوٽڪس فورس صابڻ جي پيڪنگ ۾ چرس لڪائي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي 24 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري ورتو.

اي اين ايف موجب هڪ ڪارروائي دوران ڪراچي کان خانپور لاءِ بڪ ڪرايل پارسل جي شڪي هجڻ تي جاچ ڪئي وئي ته ان مان گڏيل طور 24 ڪلو گرام اعليٰ ڪوالٽي جو چرس هٿ ڪيو ويو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿ ڪيل چرس صابڻ جي پيڪنگ ۾ وڏي مهارت سان لڪايو ويو هو.

اي اين ايف موجب هي پارسل عارف نالي شخص پاران اماڻيو ويو، هٿ ڪيل چرس جو عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه لڳ ڀڳ ڏيڍ لک امريڪي ڊالرز آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube