January 18, 2022

ماڊل ناديه حسين ۽ ٽي وي اينڪر جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

لاهور(ويب ڊيسڪ)ماڊل ۽ اداڪارا ناديا حسين خانگي ٽي وي جي هڪ اينڪر کي سخت لهجي ۾جواب ڏنو آهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ اينڪر پهريون ناديا حسين کان سوال ڪيو ته توهان کي کاڌي ۾ ڇا وڻندو آهي جنهن جي جواب ۾ اينڪر وڌيڪ پڇيو ته جيڪڏهن توهان جي اڳيان گرم گرم برياني رکيل هجي ته ڇا توهان انکي کائڻ پسند نه ڪندئو؟

مبينا طور تي اهو سوال عورت جي ڪپڙن پائڻ ڏانهن اشاري طور هو.

ان سوال تي ناديا حسين اينڪر کي جواب ڏنو ته جيڪڏهن مان پرهيز ڪندي هونديس يا مونکي خبر هوندي ته اها منهنجي لاءِ صحيح ناهي ته مان بلڪل به نه کائينديس.

ناديا حسين وڌيڪ چيو ته مونکي خبر هوندي ته جيڪڏهن برياني کائڻ سان مان ڪو ڏوهه ڪري رهي آهيان ته مان اهو ڏوهه نه ڪنديس، جيڪڏهن برياني کائڻ منهنجي لاءِ هڪ ڏوهه آهي ته مان نه کائينديس.

ناديا حسين جي جواب تي اينڪر فوري طور تي وقفو وٺي ورتو

ناديا حسين جي ان موقف جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن کي ڏاڍو ساراهيو پيو وڃي، واهپيدار ان جي حق ۾ ڳالهائڻ شروع ٿي ويا آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube