January 20, 2022

گئس بحران تي حڪومتي ميمبر به چپ نه ويٺا، وزير اعظم آڏو شڪايت

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ گئس بحران تي حڪومتي ميمبرن  وزير اعظم آڏو  شڪايت ڪندي چيو ته توانائي وارو وزير حماد اظهر فون ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي ۽ نه ئي وري گئس بحران تي ماڻهن سان ملي ٿو.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ميمبرز جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ميمبرز وزير اعظم کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ گهريلو صارفين سوڌو صنعتن کي گئس نٿي ملي، جنهن ڪري ماڻهو روڊن تي نڪري احتجاج ڪري رهيا آهن.

اجلاس دوران سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل به گئس بحران تي ڳڻتي ظاهر ڪندي وزير اعظم کي چيو ته توانائي واري وزير حماد اظهر اسان جو فون به ٻڌڻ جي لاءِ تيارناهي.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته وزير اعظم سان رابطو ڪرڻ آسان آهي پر حماد اظهر سان اسان رابطو نٿا ڪري سگهون، جنهن تي حماد اظهر چيو ته آئون اوهان کي روز  ميسج ڪندو آهيان لڳي ٿو اوهان ڪنهن ٻئي نمبر تي ميسج ڪندا آهيو.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته گئس جي شديد کوٽ آهي، ڪراچي ۾ گئس بحران وڌي ويو آهي،مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، حماد اظهر صاحب سنڌ جي انڊسٽري به سراپا احتجاج بڻيل آهي، اوهان گئس نٿا ڏئي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ انهن سان ملاقات ته ڪيو.

اجلاس دوران ٻين ميمبرز ڳالهائيندي چيو ته حماد اظهر صاحب پنجاب جي انڊسٽريز وارن کي به شڪايتون آهن انهن سان به ملي وٺو.

اجلاس ۾ اڳوڻي ايف بي آر جي چيئرمين شبر زيدي جي معيشت تباهه ٿيڻ واري بيان تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن تي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته شبر زيدي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube