January 18, 2022

عمران جي نااهلي بابت 2018 ۾ داخل ڪيل پٽيشن تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )اسلام آباد هاٰءِ ڪورٽ وزير اعظم عمران خان جي نااهلي لاءِ 2018 ۾ داخل ڪيل پٽيشن تي ٻڌڻي سڀاڻي ڪندي، 18 فيبروري 2019 تي پٽيشن واپس وٺڻ جي درخواست تي به ٻڌڻي مقرر ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر  تي ٻڌل بئنچ وزير اعظم خلاف داخل ڪيل پٽيشن تي ٻڌڻي ڪندي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان نامزدگي ڪاغذن ۾ ڌيءَ ٽيريان کي لڪايو، ان ڪري صادق ۽ امين ناهي رهيو، عمران خان کي صادق ۽ امين نه هجڻ جي بنياد تي نااهل قرار ڏنو وڃي.

ياد رهي ته درخواستگذار عام چونڊن ۾ پاڪستان جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو اميدوار هو ۽ هن بعد ۾ پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پٽيشن واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube