ياسر شاهه تي الزام، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو موقف اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر ياسر شاهه تي ڇوڪري کي هراسان ڪرڻ ۽ زيادتي ۾ مدد جي الزامن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو موقف سامهون اچي ويو.
قومي ڪرڪيٽر ياسر شاهه خلاف 14 ورهين جي ڇوڪري هراسان ڪرڻ ۽ زيادتي ۾ مدد جو الزام هڻندي داخل ڪرايو آهي.
ان حوالي سان پي سي بي جو چوڻ آهي ته اسان جي علم ۾ آيو آهي ته اسان جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ هڪ رانديگر تي ڪجهه الزام لڳا آهن.
بورڊ موجب پي سي بي في الحال ان حوالي سان ڄاڻ گڏ ڪري رهيو آهي ۽ جيستائين ان سلسلي ۾ مڪمل حقيقتون سامهون نه ٿيون اچي وڃن، ڪو تبصرو نه ڪيو ويندو.