August 13, 2022

پاڪستان دنيا جي انتهائي خطرناڪ ملڪن ۾ شامل

لنڊن (ويب ڊيسڪ) عالمي اداري ايس او ايس انٽرنيشنل جي درجي بندي موجب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي، انهن ۾ پاڪستان، افغانستان، عراق ۽ مصر سميت 14 ملڪ شامل آهن.

برطانوي خابرو اداري موجب 2022 جي خطرناڪ ترين ملڪن جو نقشو جاري ڪيو ويو آهي، جن ۾ پاڪستان جي علائقا به شامل آهن.

عالمي اداري جي جاري ڪيل نقشي ۾ پاڪستان جو شمار خطرناڪ ملڪن ۾ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڀاڙيسري ملڪ ڀارت کي ”ميڊيم“ درجو ڏنو ويو آهي ۽ افغانستان کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي.

اهو نقشو صحت جي سيڪيورٽي ۽ صحت فراهم ڪندڙ عالمي فرم ”ايس او ايس انٽرنيشنل“ جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ليبيا، شام ۽ افغانستان کي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ قرار ڏنو ويو آهي.

رپورٽ ۾ ملڪن کي 5 حصن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر ملڪ کي هڪ حصي ۾ وڌو ويو آهي، جنهن جي درجي بندي سياسي تشدد ۽ بدامني، نسلي ۽ فرقيواراڻي قتل ۽ ٻين ڏوهن جي بنياد تي ڪئي وئي آهي.

ان فهرست کي جوڙيندي ملڪ جي ٽرانسپورٽ جي نظام جي مضبوطي، صنعتي پيداوار ۽ ان جي صلاحيت ۽ هنگامي صورتحال ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي به ڏٺو ويندو آهي.

ان سان گڏوگڏ جن ملڪن کي غير اهم قرار ڏنو ويو، اهو گهڻي ڀاڱي پرامن آهن ۽ انهن ۾ يورپ جا ملڪ ئي شامل آهن، جڏهن ته بدامني ۽ جنگ جو شڪار ملڪن ۾ آفريقا ۽ وچ اوڀر جا ملڪ شامل آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube