January 20, 2022

عوام ووٽ سان بدلو وٺندو آهي، تحريڪ انصاف خيبر ۾ دفن ٿي وئي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته تحريڪ انصاف خيبر ۾ دفن ٿي وئي، مڪاني نتيجن ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن مداخلت ڪئي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ تحريڪ انصاف کي زبردستي سيٽون مليون هيون، هاڻي حشر خراب آهي، سنڌ ۾ ڪو نئون مڪاني نظام ناهي آيو، مڪاني نظام اهو ئي آهي، جيڪو 2013 ۾ ٺاهيو ويو، اسان ان نظام کي بهتر ڪيو.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگي جي سزا اميدوارن کي ملي، پي ٽي آءِ خيبر ۾ پيدا ٿي وئي، عوام ووٽ جي طاقت سان بدلو وٺندو آهي، خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن عوام جو  موڊ ٻڌائي ڇڏيو.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي جا ماڻهو گئس بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، ايم ڪيو ايم گئس، پيٽرول  جي اگهن، ڪڻڪ تي ڌاڙي ۽ ڀاڻ جي معاملي تي ڇو خاموش آهي؟

سعيد غني چيو ته جنهن شئي جو عمران خان نوٽيس ورتو ان جو ٻيڙو ٻڏي ويو، گورنر صاحب جو ڪم سياسي بيان ڏيڻ ناهي، گورنر سنڌ پنهنجا آئيني اختيار اورانگهي رهيو آهي، گورنر جي ڳالهين سان ڪو فرق نه پوندو، هو پاڻ ايڪسپوز ٿي رهيو آهي، اسان کي خوشي آهي ته سنڌ جو گورنر ايڪسپوز آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube