January 18, 2022

مشهور جاپاني اداڪارا 22هين ماڙ تان ڪِري فوت

ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ) ناليواري جاپاني اداڪارا ۽ ڳائڻي ساياڪا ڪانڊا عمارت تان ڪري فوت ٿي وئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب 35 ورهين جي اداڪارا ساياڪا اتر جاپاني ٻيٽ هوڪائيدو جي گادي واري شهر ساپورو جي هڪ هوٽل جي 22 هين ماڙ تي هئي، جتي حادثو پيش آيو.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اداڪارا هوٽل جي ٻاهران بيهوش ۽ رتو رت حالت ۾ ملي، ساياڪا جو ڪمرو هوٽل جي 22 هين ماڙ تي هو، جتان هوءَ ڪري فوت ٿي.

اداڪارا کي اسپتال  نيو ويو پر هن جي حياتي نه بچي سگهي، جڏهن ته ساياڪا جي ايجنسي به اداڪارا جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پوليس ان معاملي جي آپگهات جي ڪيس طور جاچ ڪري رهي آهي پر ان ۾ سازش کي رد نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته اداڪارا جي دوستن جو چوڻ آهي ته ساياڪا آپگهات نٿي ڪري سگهي.

واضح رهي ته اداڪارا ۽ ڳائڻي ساياڪا ايني ميٽڊ فلم ”فروزن“ جي جاپاني ڊب ورزن ۾ فلم جو مشهور ڪردار ادا ڪندي وائس اوور ڪيو هو، جنهن ۾ هوءَ تمام گهڻو مشهور ٿي ۽ اداڪارا تقريبن 20 ورهين جي عمر کان شوبز سان سلهاڙيل هئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube