January 18, 2022

ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي ۾ ڀارت وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

1 min read

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) ڍاڪا ۾ ٿيندڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي ۾ ٽين پوزيشن لاءِ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 3-4 کان هارائي ڇڏيو ۽ پنجن ٽيمن جي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي رهيو.

ايشين چيمپئنز ٽرافي هاڪي ۾ روايتي مخالف ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو، ايونٽ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارتي پليئرز ننهن چوٽيءَ جو زور ڏنو.

راند جي شروعات ۾ ڀارت جي هرمن پريت پنالٽي ڪارنر تي گول ڪيو، ڪجهه ئي دير بعد پاڪستان جي افراز اسڪور برابر ڪري ڇڏيو.

ٻئي ڪوارٽر ۾ پاڪستان جي عبدالرانا گول ڪري پاڪستان کي سرسي ڏياري، ان موقعي تي پاڪستان جي گول ڪيپر مظهر عباس ڪيترائي يقيني گول بچايا، راند جي فائنل ڪوارٽر ۾ زبردست مقابلو ٿيو ۽ گڏيل طور 3 گول اسڪور ٿيا.

ڀارت جي آڪاش ديپ سنگهه هڪ کانپوءِ ٻيو گول اسڪور ڪري ٽيم کي سرسي ڏياري پر هتي به قومي ٽيم همٿ نه هاري ۽ پڄاڻي واري وقت ۾ پاڪستان جي احمد نديم  گول ڪري راند کي سنسني بڻائي ڇڏيو.

جڏهن راند ختم ٿي ته پاڪستان کي هڪ گول کان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ 5 ٽيمن جي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي رهيو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪوريا پاڪستان ۽ جاپان ڀارت کي شڪست ڏئي فائنل جي لاءِ ڪوليفاءِ ڪيو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube