August 9, 2022

جانورن بي رحم انسانن طرفان اڇلايل ٻار کي بچائي مثال قائم ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي هڪ ڳوٺ ۾ تازي ڄاول ٻارڙي کي جڏهن ڪو سخت ٿڌ ۾ رات جي وقت فصل ۾ ڇڏي ويو ته هڪ ڪتي نه رڳو ٻارڙي جي چوڪيداري ڪئي پر کيس ٿڌ کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجي گلرن کي به ٻارڙي وٽ کڻي اچي رکيو، گلرن ٻارڙي جي جسم سان پنهنجو جسم لڳائي سڄي رات کيس گرمي پهچائي ٿڌ ۾ مرڻ کان بچائي ورتو.

ڀارت ۾ جانورن جي رحمدلي جي خبر پوري دنيا جي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو، انسانن ٻارڙي کي سخت ٿڌ ۾ ڇڏي ڏنو پر ڪتي ۽ ان جي گلرن سڄي رات ٻارڙي کي گرمي پهچائي مرڻ کان بچايو.

ڀارت جي رياست ڇٽيهه ڳڙهه جي ضلعي مونگيلي جي هڪ ڳوٺ سريستال جي فصل ۾ هڪ لاوارث ٻارڙي کي ڇڏيو ويو ته رولو ڪتن کيس ڏاڙهڻ بدران ان جي حياتي بچائي، صبح جي وقت ٻارڙي جي روئڻ جي آواز تي فصل ۾ ڪم ڪندڙ هاري پهتا ۽ ٻارڙي کي ڏٺو ته هن جي جسم کي هڪ رهنڊ به نه آيل هئي.

ڳوٺاڻن موجب هڪ ڪتي سڄي رات ٻارڙي جي حفاظت ڪندي چوڪيداري ڪئي، ڳوٺ جي بزرگن پوليس سان رابطو ڪيو ۽ ٻارڙي کي مڪمل تندرست قرار  ڏنو.

پوليس پهچي ٻارڙي کي کڻائي اسپتال ۾ طبي معائنو ڪرايو ۽ ٻارڙي جو نالو اڪنڪشا رکيو ويو، جڏهن ته پوليس وارثن جي ڳولا شروع ڪندي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube