August 9, 2022

شيخ رشيد پنهنجي بيماري بابت ٻڌائي ڇڏيو

FEDERAL MINISTER FOR INTERIOR, SHEIKH RASHID AHMAD TALKING TO MEDIA AT KARACHI ON JANUARY 22, 2021.

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پنهنجي بيماري جي تصديق ڪري ڇڏي پر هن ان بابت وڌيڪ وضاحت نه ڪئي .

راولپنڊي ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته گذريل ٽن سالن کان بيمار آهيان پر ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان شيخ رشيد بيماري جي حوالي سان خبرن ۾ رهيو آهي ۽ اها ڳالهه به سامهون آئي ته هن وزير اعظم کي ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ جي لاءِ درخواست به ڏني هئي.

گهرو وزير پاڪستان ۾ رهندڙ عيسائي برادري جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪنهن به عيسائي کي اڄ تائين پنندي ناهي ڏٺو، هو محنت ۽ مزدوري ڪري پيسا ڪمائيندا آهن.

هن چيو ته عيسائي دهشتگردي ۾ ملوث ناهن، هتي اسڪولن ۽ ڪاليجن جو انتظام عيسائي برادري  وٽ آهي، اسان اسلام آباد ۾ به هڪ اهڙو ئي اسڪول ٺهرائي رهيا آهيون.

شيخ رشيد چيو ته جيترو اسان جو اوترو ئي عيسائي برادري جو پاڪستان آهي،آئون  اوهان سان گڏ آهيان، گڏوگڏ هن وزير اعظم عمران خان پاران به عيسائي برادري کي ڪرسمس جون واڌايون ڏنيون.

Follow by Email
YouTube
YouTube