August 9, 2022

پريانڪا پنهنجي نالي سان گڏ مڙس جو نالو هٽائڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا پريانڪا چوپڙا سوشل ميڊيا جي اڪائونٽ تي پنهنجي نالي سان گڏ لڳل مڙس جو نالو هٽائڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.

گذريل مهيني پريانڪا چوپڙا جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي معمولي تبديلي پوري دنيا جي ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.

اصل ۾ پريانڪا چوپڙا انسٽاگرام اڪائونٽ تان پنهنجي نالي سان گڏ لڳايل مڙس نڪ جونس جو نالو هٽايو هو ۽ ان جي اهڙي معمولي عمل جي ڪري پوري دنيا ۾ نڪ جونس ۽ اداڪارا وچ ۾ طلاق جون ڳالهيون هلڻ شروع ٿي ويون.

اهڙيون ڳالهيون جڏهن حد کان وڌي ويون ته پريانڪا چوپڙا جي امڙ مڌو چوپڙا ميڊيا تي اچي پنهنجي ڌيءَ ۽ نڪ جونس جي طلاق واري ڳالهين جي ترديد ڪئي هئي پر پريانڪا هن معاملي تي لاڳيتو خاموشي اختيار ڪئي هئي، جنهن هاڻي خاموشي ختم ڪري ڇڏي.

هڪ انٽرويو دوران پريانڪا چوپڙا کان ان حوالي سان سوال ڪيو ويو ته اداڪارا پنهنجي نالي سان گڏ مڙس جو نالو هٽائڻ بابت وضاحت ڪندي چيو ته مون پنهنجي ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ ئي ”يوزر نيم“ رکڻ چاهيو ٿي، ان ڪري مون پنهنجي نالي سان گڏ لڳل مڙس نڪ جونس جو نالو هٽايو.

پريانڪا چوپڙا چيو ته هن جي هڪ ننڍي تفريح ڪهڙي ريت ماڻهن جي لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻجي وئي.

واضح رهي ته پريانڪا چوپڙا جي هالي ووڊ فلم ”دي ميٽرڪس“ اڄ سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube