January 18, 2022

سلامتي ڪائونسل افغانستان کي امداد فراهم ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) سلامتي ڪائونسل آمريڪا پاران پيش ڪيل افغانستان جي لاءِ امداد بابت ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو،

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اڪثريت راءِ سان آمريڪا پاران تجويز ڪيل  هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو.

رپورٽن موجب منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته فنڊز جي ادائيگي، ٻين مالي اثاثن يا اقتصادي وسيلن ۽ امداد جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائڻ يا ضروري سامان ۽ خدمتن جي اجازت آهي.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي امداد افغانستان ۾ بنيادي انساني ضرورتن بابت آهي ۽ اها طالبان سان واڳيل ادارن تي لاڳو پابندي جي ڀڃڪڙي ناهي.

ان کانسواءِ آمريڪي ناڻي واري وزارت به افغانستان جي لاءِ رقم جي فراهمي ۾ نرمي ڪئي  آهي ۽ افغانستان ۾فعال غير سرڪاري فلاحي ادارن کي فنڊز جي فراهمي جي لاءِ خاص لائسنسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ٻئي پاسي طالبان اهڙي ٺهراءَ جي آجيان ڪئي آهي. ترجمان ذبيح الله مجاهد ٺهراءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته ان سان افغانستان جي معاشي صورتحال ۾ مدد ملندي.

هن وڌيڪ چيو مونکي اميد آهي ته عالمي برادري اسان تي اقتصادي ۽ بئنڪنگ پابنديون ختم ڪرڻ ۾ به دير نه ڪندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube