January 18, 2022

سنڌ ۾ برساتن جي حوالي سان الرٽ جاري

ڪراچي (ويب ديسڪ) سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي بعد صوبي ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب ڇنڇر ۽ آچر تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ پي ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪيو آهي.

پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، دادو، ڄامشوري، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ۾ برسات جو امڪان آهي.

الرٽ ۾ مڪاني ادارن سميت ضلعي انتظاميا کي برساتن جي حوالي سان اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه نظام 25 ڊسمبر تي بلوچستان مان ملڪ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ان تحت ڪراچي ۾ 26 ۽ 27 ڊسمبر تي برسات جو امڪان آهي

Follow by Email
YouTube
YouTube