August 9, 2022

نواز شريف ڪپتان قرار، مريم نواز جو وزيراعظم کي وڏو طعنو

لاهور( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز  قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ هاڻوڪي وزيراعظم عمران خان جو نالو کڻڻ بنا سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي.

مريم نواز ٽوئيٽرتي پيءُ نواز شريف جو فوٽو اپلوڊ ڪندي لکيو ته“ ٻڌو آهي اوهان رانديگر آهيون، اوهان سان ملي خوشي ٿي، آئون آهيان ڪوچ “.

مريم نواز عمران خان جو نالو نه کنيو پر  هن پنهنجي ان ٽوئيٽ ۾ عمران خان کي طعنو هنيو آهي، ڇو ته هو سندس سياسي مخالف آهي ۽ ماضي ۾ رانديگر به رهي چڪو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube