January 18, 2022

سنڌ ۾ ناياب نسل جي ڪرڙي ۽ نانگ

نوري آباد( ويب ڊيسڪ ) نوري آباد ڀرسان هڪ گدام مان نانگ ۽ ناياب نسل جي هڪ وڏي ڪرڙي نڪري آيا.

گدام ۾ پائپ رکيل هئا، عملي جڏهن پائپ هٽايا ته هڪ نانگ ۽ ناياب نسل جي هڪ وڏي ڪرڙي اتان نڪري فيصل ۾ لڪي ويا.

گدام عملي جهنگلي جيوت کاتي جي اختيارين کي مدد جي لاءِ طلب ڪيو، عملي موجب ريسڪيو ذريعي ناياب نسل جي ڪرڙي ۽ نانگ کي بچائي سگهجي ٿو.

گدام عملي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٿڌ کان بچڻ جي لاءِ ٻئي جانور پائپ ۾ لڪي ويا هئا ۽ ڪم شروع ڪيو ويو ته ٻاهر نڪري آيا.

Follow by Email
YouTube
YouTube