January 18, 2022

پيغمبر اسلام جي توهين اظهار جي آزادي ناهي: روسي صدر

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته پيغمبر اسلام حضرت محمد صه جي شان ۾ گستاخي اظهار جي آزادي ناهي.

روسي ميڊيا موجب ولاديمير پيوٽن خميس ڏينهن سالياني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شان رسالت صه ۾ گستاخي ماڻهن کي ناراض ڪرڻ ۽ چڙ ڏيارڻ جو سبب بڻجي ٿي ۽ پيغمبر اسلام جي شان ۾ گستاخي اظهار جي آزادي ناهي.

هن چيو ته شان رسالت صه ۾ گستاخي مذهبي آزادي جي خلاف آهي ۽ مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ آهي.

روسي صدر تڪراري فرانسيسي ميگزين چارلي هيبڊو تي حملي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اهڙيون حرڪتون انتهاپسندي ڏانهن وٺي وينديون آهن، آزادي توهان جي ڀرپاسي موجود ماڻهن کي عزت ڏيڻ جو نالو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube