August 13, 2022

حماد اظهر ڪوڙ ڳالهائي ذميواري کان نٿو ڀڄي سگهي: امتياز شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ وفاقي وزير حماد اظهر جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي نه ايڪسپورٽ ۽ نه ئي وري نان ايڪسپورٽ گئس ملي رهي آهي.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وفاقي وزير سدائين غلط بياني ۽ ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامين جي ڪري لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن.

امتياز شيخ چيو ته توانائي وارو وفاقي وزير ڪراچي ۾ گئس بحران جي ذميواري عدالتي منع نامي تي هڻي پاڻ ذميواري کان ڀڄي نٿو سگهي، تحريڪ انصاف جا پنهنجا ئي اسيمبلي ميمبرز وفاقي وزير کان هن جي نااهلي تي استعيفيٰ گهري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته گهرن جا چلها ۽ صنعتون بند ٿيڻ سان عوام جي برداشت ختم ٿي چڪي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube