”تنهنجي ياد جي وري آ وير“ قومي راڳي سرمد سنڌي کي وڇڙئي 25 ورهيه وهامي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) البيلي قومي راڳي سرمد سنڌي جي وڇوڙي کي 25 سال گذري ويا پر هو اڄ به پنهنجي سريلي آواز سبب چاهيندڙن جي دلين ۾ جيئرو آهي.
سرمد سنڌي خيرپور ضلعي جي شھر پريالوءِ ۾ 8 مئي 1958 ۾ حيات مغل جي گھر ۾ جنم ورتو، هن شروعاتي تعليم پنھنجي پريالوءِ مان ئي حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي سول انجنيئرنگ واري شعبي ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ميرس ۾ داخلا ورتي، جتان ھن انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ۽ بي ٽيڪ جي ڊگري حاصل ڪئي، پوءِ ڪي ڊي اي ڪراچي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين.
سرمد سنڌي کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو، جنهن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هن وڏي محنت ڪئي ۽ سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ رليز ٿي ته ان جو هڪ گيت ”سورن سندي سڪرات آ“ جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو، تمام گهڻو مشهور ٿيو.
سرمد سنڌي پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو ويو ۽ سنڌ جي ھر نوجوان جي دل جي ڌڙڪن بڻجي ويو، سندس راڳ کي ھر طبقي جو ماڻھو پسند ڪرڻ لڳو.
سرمد سنڌي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، سچل سرمست، زاهد شيخ ۽ آڪاش انصاري سميت ٻين ڪيترن ئي مشهور شاعرن جي شاعري ڳائي، هن جا سنڌي سان گڏ سرائيڪي ۾ به ڳايل گيت ڏاڍا مقبول ٿيا.
قومي راڳي نه رڳو ملڪ پر پرڏيهه ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، هو 27 ڊسمبر 1996ع ۾ هڪ ڪار روڊ حادثي ۾ هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
سرمد سنڌي جي آخري آرامگاهه مشھور بزرگ مخدوم اسماعيل رح جي قبرستان ۾ پنھنجي والد جي پيراندي ۾ موجود آهي.