August 9, 2022

پي ٽي آءِ جي شڪي فنڊنگ وارو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف جي فنڊنگ جي حوالي سان ڪيس 4 جنوري تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو ويو.

تحريڪ انصاف جي شڪي فنڊنگ جي تحقيقات ۾ وڌيڪ اڳڀرائي سامهون آئي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ اهم اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي فنڊنگ واري معاملي تي بحث ٿيو.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي شڪي فنڊنگ بابت ڪيس کي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان ڌرين کي نوٽيسز به جاري ڪيا ويا.

اليڪيشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي دوران اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ به ڌرين جي آڏو رکي ويندي، جڏهن ته درخواستگذار اڪبر ايس بابر کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube